
PRO & Creator Features
Unlock advanced AI features with Pro (Audio2Audio, Voice Clone, Photo Covers, LoRA) or Creator (Variations, Edit Sections, Stem Separation).
Audio2Audio Remix
Pro & Creator
Voice Clone
Pro & Creator
Create Variations
Creator only
Edit Sections
Creator only
Stem Separation
Creator only
Lyrics
▶ Play this song to follow along.
رات چنڊ مونکان تنهنجو پڇيو،
مون روئي ڏنو، مون روئي ڏنو۔
رات چنڊ مونکان تنهنجو پڇيو،
مون روئي ڏنو جڏهن اهو ٻڌو۔
تو ڪاڏي ويو آ ساهه تنهنجو،
تو ڪاڏي ويو آ چاهه تنهنجو،
هوءَ حقيقت هئي يا هو خواب تنهنجو،
جو اک ڇنڀ ۾ توکان ڌار ويو۔
اهو چنڊ مونکان بار بار پڇيو،
مون روئي ڏنو، مون روئي ڏنو۔
جنهن کي منهنجي تشبيهه ڏيندو هئين،
جنهن کي پنهنجو ڪري پيو پوجيندو هئين،
جنهن کي دنيا کان وڌ چاهيندو هئين،
سو ڪاڏي ويو، سو ڪاڏي ويو؟
اهو چنڊ مونکان بار بار پڇيو،
مون روئي ڏنو، مون روئي ڏنو۔
جنهن کي دنيا کان وڌ تو چاهيو هو،
جنهن لاءِ دنيا سان تو فٽايو هو،
سو دنيا ۾ توکي ڇو رسوا ڪري ويو،
دل کي اڪيلو ڇڏي ڪيئن ويو؟
اهو چنڊ مونکان بار بار پڇيو،
مون روئي ڏنو، مون روئي ڏنو۔
شفقت هن جو هو، هو شفقت جو هيو،
اهو عباسي سڀني کي چوندو هيو،
توکي ڇڏي پوءِ ائين ڪيئن ويو،
مون کي ڇڏي آخر اڪيلو ڪيئن ويو؟
اهو چنڊ مونکان بار بار پڇيو،
مون روئي ڏنو، مون روئي ڏنو۔
رات چنڊ مونکان تنهنجو پڇيو،
مون روئي ڏنو، مون روئي ڏنو،
تنهنجي ياد آئي، دل به روئي،
مون روئي ڏنو، مون روئي ڏنو۔